درهم الصرة في وضع اليدين تحت السُرة

درهم الصرة في وضع اليدين تحت السُرة (رسالو): سنڌ جي نامياري عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽويرح هي رسالو حنفي مسلڪ جي تائيد ۾ 1137هه/ 1724ع ۾ لکيو. هيءُ رسالو مخدوم محمد حيات سنڌي مدنيءَ جي رسالي رد ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ فقھ حنفيءَ جي ابتڙ امام شافعيءَ جي دليل موجب نماز ۾ مردن کي به عورتن وانگر سيني تي مٿي هٿ ٻَڌي نماز پڙهڻ جي جواز ۾ فتويٰ ڏني هئي ۽ اها تحرير ’فتح القدير‘ جي حاشيي تي لکي هئي. ان جي جواب ۾ مخدوم محمد هاشم نماز جي هن اهم مسئلي تي هي تحقيقي رسالو لکيو، هن رسالي کي مقدمي، پنجن فصلن ۽ خاتمي جي بابن ۾ ورهايو ويو آهي. ان کان سواءِ نماز ۾ مردن لاءِ دن کان هيٺ هٿ ٻَڌڻ بابت حنفي مسلڪ جي تائيد ۾ ڀرپور علمي بحث ڪيو ويو آهي ۽ هن مسئلي بابت چئني امامن جو مسلڪ، نقلي ۽ عقلي دليل پيش ڪري، سوالن جا جواب ڏنا ويا آهن ۽ حنفي مسلڪ جي تائيد ۾ رسالي کي مڪمل ڪيو ويو آهي. 24 صفحن تي مشتمل هي رسالو پير جهنڊي جي ڪتبخاني، نيو سعيدآباد، درسگاهه چوٽياريون ۽ سرهندي ڪتبخاني ٽنڊي سائينداد ۾ قلمي نسخي جي صورت ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو